ٿاريلي بلبل

ٿاريلي بلبل

ٿاريلي بلبل

ٿاريلي بُلبل Red-vented Bulbul / Pycnonotus cafer: هيءَ بلبل 20 سينٽي ميٽر جسامت جي ٿئي ٿي. هن جي پُٺيءَ جو رنگ گهرو ٽِڪ ناسي ٿئي، هن کي ڪاري هلڪي ناسي سِسيءَ تي ننڍڙي چوٽي ھوندي آهي. پڇ ڳاڙهو ۽ پُڇ جي چوٽي اڇي ٿئيس. هيءَ بلبل ڊڄڻي طبيعت جي نه آهي ۽ ماڻهن سان جلدي هِري وڃي ٿي، اڪثر ماڻهو هن کي هٿ تي پاليندا به آهن. هيءَ بلبل سڄي اپکنڊ ۾ ٿئي ٿي، پر بلوچستان ۽ سرحد ۾ ڪانه ٿئي. هر علائقي جي مند آهر سڄي سال ۾ ڪنهن به وقت افزائش نسل ڪري ٿي ۽ زمين کان مٿي (هڪ کان نَو ميٽر) اوچائيءَ تي وڻن ۾، ٻوڙن ۾ يا عمارتن ۾ آکيرو ٺاهيندي آهي. هن جي ٻولي ايئن محسوس ٿيندي آهي، ڄڻ خبرداريءَ جو اطلاع ڏيندي هجي ”بُربل ... بُربل ...“ انگريز ان لاءِ چون ٿا، جو ڄڻ ته اها چوي ٿي:
” Be quick …. Be quick يا Be-care-ful“.


لفظ ٿاريلي بلبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو